سائنس ڪانفرنس

سائنس ڪانفرنس: ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌي ٻوليءَ ۾ ’سائنس ڪانفرنس‘ سنڌ سائنس سوسائٽيءَ جي اهتمام هيٺ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 29 اپريل 1972ع تي ڇنڇر جي ڏينهن منعقد ٿي. جنهن جو افتتاح سياسي معاملن، مواصلات ۽ قدرتي وسيلن جي تڏهوڪي وفاقي وزير غلام مصطفى جتوئيءَ ڄامشوري ۾ واقع سنڌ يونيورسٽيءَ جي نئين ڪئمپس ۾ صبح جو ڏهين بجي ڪيو. هن ڪانفرنس ۾ ملڪ جي مختلف صوبن مان آيل وفدن کان سواءِ اسلام آباد يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر رضي الدين صديقي، بلوچستان يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جسٽس دُراب پٽيل ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمود حسين به شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ تلاوت ڪلام پاڪ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ۽ استقباليه ڪاميٽيءَ جي چيئرمئن پروفيسر حسن علي عبدالرحمٰن پنهنجي آجياڻي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ ان کي سائنسي مواد سان مالامال ڪرڻ متعلق ڳالهائيندي چيو ته اها ذميواري سنڌ يونيورسٽيءَ تي عائد ٿئي ٿي ته انهيءَ سلسلي ۾ ڪم ڪيو وڃي. هن موقعي تي ڪافي سائنسي مقالا پڙهيا ويا.


لفظ سائنس ڪانفرنسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو